سلطنت عثمانيه يا
خلافت عثمانيه (عثماني ترڪ ٻولي: "دولت عليه عثمانيه"،
ترڪ ٻولي:
Osmanlı Devleti) سن
1299ء کان
1922ء تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران
ترڪ هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾ (16 هين – 17 هين صدي) هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽
ڏکڻ اوڀر يورپ ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن،
سلوواڪيه ۽ ڪريميا (هاڻوڪو
يوڪرين) سان ڏکڻ ۾
سوڊان،
صوماليه ۽
يمن تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا.
سلاجقه روم جي سلطنت جي خاتمي کان بعد اناطوليه ۾ طوائف الملوڪي ڦهلجي وئي ۽ مختلف سردار پنهنجون پنهنجون خود مختيار رياستون ٺاهي ڪري ويهي رهيا جن کي غازي امارتون چيو ويندو هو۔
1300ء تائين زوال جي طرف وڌندڙ بازنطيني سلطنت اناطوليه ۾ واقع پنهنجا گهڻا صوبا انهن غازي امارتن جي هٿان وڃائي ويٺي۔ انهن امارتن مان هڪ اولهه اناطوليه ۾ اسڪي شهر جي علائقي ۾ واقع هئي جنهن جو سردار عثمان پهريون هيو۔ چيو ويندو آهي ته جڏهن
ارطغرل هجرت ڪري اناطوليه پهتو ته ان ٻن لشڪرن کي هڪ ٻئي سان وڙهيل ڏٺو جن مان هڪ تعداد ۾ گھڻو ۽ ٻيو گھٽ هيو پنهنجي فطري همدردانه طبيعت جي ڪري ارطغرل ننڍي لشڪر جو ساٿ ڏنو ۽ 400 شهسوارن سان گڏ ميدان جنگ ۾ لهي پيو۔ ۽ ناڪامي جي ويجهو پهچڻ وارو لشڪر هن اچانڪ امداد سان جنگ جو پاسو پلٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ ارطغرل جنهن فوج جي مدد ڪئي اها دراصل سلاجقه روم جو لشڪر هيو جيڪو عيسائين سان وڙهيل هيو ۽ هن فتح جي لاء ارطغرل جي خدمتن جي پيش نظر انهن کي اسڪي شهر جي ويجھو هڪ جاگير عطا ڪئي۔
1281ء ۾ ارطغرل جي وفات کان بعد هن جاگير جي سربراهي عثمان پهريون جي هٿ ۾ آئي جنهن
1299ء ۾ سلجوقي سلطنت کان خودمختياري جو اعلان ڪري عثماني سلطنت جو بنياد وڌو۔